دادو (رپورٽر) دادو جي عدالت پاران جھيڙي ڪيس ۾ 4 جوابدارن کي 2_2 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي. ان ڏس ۾ سول جج دادو محمد اشرف ڏهراج جي عدالت جهيڙي جي ڪيس 4 جوابدارن گل محمد ، رب نواز ، منور ۽ محمد مٺل شاهاڻي کي ٻه ٻه سال قيد ۽ هڪ لک 20 هزار روپين جي ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي ، عدالت پاران سزا ٻڌائڻ کان اڳ جوابدار محمد مٺل سزا اچڻ جي خوف کان اڳ ئي عدالت مان ڀڄي هليو ويو ، جوابدار خلاف موندر ٿاڻي تي امام بخش شاهاڻي کي گولي هڻي زخمي ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو.