خيرپور (رپورٽر) سول اسپتال خيرپور جي انتظاميا قابل استعمال ۽ مرمت ٿيڻ جوڳا بيڊ ۽ اسٽريچر سرجيڪل وارڊ ڀرسان ڪٻاڙخاني ۾ اڇلائي ڇڏيا. سول اسپتال ۾ بيڊن ۽ اسٽريچر جي کوٽ باوجود ڪٻاڙ خاني ۾ اڇلايل سامان جي مرمت نه ڪرائي وئي، سول اسپتال ۽ سٽي اسپتال ۾ بيڊن جي کوٽ سبب مريض ڏکيائين کي منهن ڏيڻ  لڳا. اسٽريچرن جي کوٽ سبب ايمرجنسي ۾ ايندڙ توڙي هڪ کان ٻئي وارڊ ڏانهن منتقلي دوران مريض ۽ سندن وارث پريشاني جو شڪار ٿي ويندا آهن. هوڏانهن سٽي اسپتال خيرپور ۾ گيسٽرو جي مرض ۾ تيزي اچڻ کانپوءِ روزانو جي بنياد تي ڪيترائي ٻارڙا اسپتال داخل ٿين ٿا. بيڊن جي کوٽ سبب مجبوريءَ جي بنياد تي هڪ بيڊ تي ٻن کان ٽي ٻارڙا سمهاري سندن علاج ڪيو پيو وڃي، جنهن سبب اسپتال عملو پڻ ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيو آهي. ٻئي پاسي سول اسپتال خيرپور جي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ ڊاڪٽر زاهده سومرو کان مرمت جوڳا بيڊ ۽ اسٽريچر ڪٻاڙخاني ۾ اڇلائڻ واري معاملي تي رابطو ڪيو ويو پر هن پنهنجو موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.