ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪراچي چيمبر آف ڪامرس ۽ شهر جي 7 ئي ٽريڊ انڊسٽريز ايسوسيئشنز جي سهڪار سان سندن حدن (سائيٽ ايرياز ) ۾ فائراسٽيشنون  قائم ڪيون وينديون، ان حوالي سان ڪالهه ايڊمنسٽريٽر  مرتضيٰ وهاب جي صدارت ۾ ڪراچي ٽريڊ ايسوسيئيشنز جي نمائندن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪراچي جي بهتري ۽ ترقي لاءِ ٽريڊ ايسوسيئشنز اسان سان گڏجي ڪم ڪن، هن چيو ته ٽريڊ ايسوسيئشنز جي سهڪار سان سندن حدن ۾ فائر اسٽيشنون قائم ڪيون وينديون،  جنهن بعد باهه جو واقعو/ حادثو ٿيڻ جي صورت ۾ 5 منٽن ۾ ئي فائر برگيڊ جون گاڏيون پهچي وينديون، هن چيو ته ٽريڊ ايسوسيئيشنز خراب ٿيل فائر برگيڊ  گاڏين کي  پاڻ ٺهرائڻ جي آڇ ڪئي آهي، هن چيو ته شهر جي 7 سائيٽ ايرياز ۾ هلندڙ 40 هزار ڪارخانا حساس هجن ٿا، جتي باھ لڳڻ جي صورت ۾ اربين رپين جو نقصان ٿئي ٿو، جڏهن ته فيڪٽريون بند ٿيڻ جي صورت ۾ هزارين پورهيت بيروزگار ٿي وڃن ٿا.