خيرپور (رپورٽر) ڪرمنل ماڊل ٽرائل ڪورٽ خيرپور جي جج محمد اسلام الحق آرائينءَ جي عدالت عبدالرحمان انڙ ٿاڻي تي داخل ٻن الڳ الڳ ڪيسن ۾ مسلسل غيرحاضر رهڻ تي ڪيسن  جي فريادين ۽ گواهن سب انسپيڪٽر غلام سرور ڀيو، محمد علي ڀٽو، اي ايس آءِ بلاول الدين جوڻيجو، هيڊ ڪانسٽيبل رحيم بخش ناريجو ۽ سپاهي خير محمد گوندل جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي خيرپور پوليس کي حڪم ڏنو آهي ته کين گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.