پٿورو (ن پ ا) ڍورونارو ۾ سماجي تنظيم اولڊ بوائز ويلفيئر ايسوسيئيشن جو بنياد وجھندڙ مرحوم حاجي خان محمد منڱريو جي 25 هين ورسي ملھائي وئي، ورسي تقريب جي صدارت فنڪشنل مسلم ليگ اڳواڻ سيد  مظفر حسين شاھ ڪئي، ان موقعي تي تقريب کي خطاب مقررن چيو ته حاجي خان محمد مڱريو ھڪ ماڻھو نه پر هڪ ادارو ھو، ھن 92 واري دور ۾ ڍورونارو ۽ ڀرپاسي واري علائقي ۾ سوين نوڪريون بنا فرق جي ڏنيون، ھن ماڻهو سماج ۾ تعليم لاء پاڻ پتوڙيو، غريبن جي مدد لاءِ ھڪ سماجي اداري جو 1978ع ۾ بنياد وڌو، جيڪو اڄ تائين بي پھچ ماڻهن جي مدد ڪري رھيو آھي. جڏهن ته تقريب کي خالد ولھاري، فقير مگن منڱريو، فقير قادر بخش منڱريو، سيد علي بابا شاھ ۽ ٻين  پڻ خطاب ڪيو.