خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ فورٿ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت، عدالتي حڪمن جي تعميل نه ڪرڻ تي خيرپور جي شاهه لطيف ۽ ٽنڊومستي ٿاڻي جي ايس ايچ اوز خلاف توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي. هوڏانهن فرسٽ سينئر سول جج جي عدالت پڻ عدالتي حڪمن جي تعميل نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي مختيارڪار خيرپور عبدالحڪيم ڌاريجو، مختيارڪار ڪنگري غلام شبير عباسي ۽ مختيارڪار ڪوٽڏيجي نذير احمد مهر خلاف نوٽيس جاري ڪندي کين عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.