خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي عدالت زيادتي جو ڪيس ثابت نه ٿيڻ تي نوجوان کي باعزت بري ڪري ڇڏيو. خبر موجب خيرپور ۾ فورٿ ايڊيشنل سيشن جج ثمينه منگي جي عدالت عورت سان جنسي زيادتيءَ جو ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي بي سيڪشن ٿاڻي جي  حد لقمان مان گرفتار ڪيل نوجوان ريحان ڪاظميءَ کي باعزت بري ڪري ڇڏيو. ياد رهي ته 10 مهينا اڳ بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس نوجوان مٿان جنسي زيادتي جو الزام مڙهيندڙ عورت جي مڙس جاويد جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو هو.