استاد ڌرتي جا پٽ آهن ته اسڪول وڃي ٻار پڙهائين:سيد سردار شاهه

0
489
سنڌ ۾ ٻوڏ سبب 20 لک ٻارڙن

ڪراچي: تعليم واري وزير سردار شاھ چيو آھي تھ استاد ڌرتي جا پٽ آهن ته اسڪول وڃي ٻار پڙهائين، احتجاج ڪندڙ استاد جيڪڏهن ڌرتي جا پٽ آهن ته اسڪول وڃي ٻار پڙهائين

پنج ڪلاڪن جي نوڪري ڪن ٿا، احتجاج وارو سمورو تماشو قوم پئي ڏسي، استاد احتجاج ڪرڻ بدران اسڪول وڃي ٻارن جي تعليم لاءِ ڪو بهتر منصوبو جوڙين

سردار شاھ چيو تھ احتجاج اجايو آهي، استادن کي پڪو ڪيو ويندو، سمري وڏي وزير ڏانهن اماڻينداسين، ڇا ڪڏهن نجي اسڪولز جي استادن کي احتجاج ڪندي ڏٺو ويو  آهي؟ هي ڪهڙو ڪلچر ٺاهيو پيو وڃي، هر مسئلي لاءِ بس رڳو احتجاج ۽  ڌرڻا هڻڻا آهن

آءِ بي اي ٽيسٽ پاس استادن طرفان ٻئي ڏينهن به سنڌ اسيمبلي اڳيان احتجاج جاري

آءِ بي اي ٽيسٽ پاس استادن طرفان ٻئي ڏينهن به سنڌ اسيمبلي اڳيان احتجاج جاري، پڪو ٿيڻ ۽ سالياني انڪريمينٽ سوڌو ٻين مطالبن جي مڃتاء تائين احتجاج جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي

تعليم جي وزير سردار شاهه چيو آهي ته رڳو احتجاج ۽ ڌرڻا هڻڻا آهن ڇا؟ استادن کي پڪو ڪرڻ لاءِ وڏي وزير ڏانهن سمري اُماڻي ويندي، استاد احتجاج بدران آگسٽ ۾ شروع ٿيندڙ پڙهائي لاءِ ليسن پلان تيار ڪن