خيرپورناٿن شاهه (ن پ ا) خيرپورناٿن شاهه ۾ ٻوڏ متاثر نوجوان غربت، بيماري کان تنگ ٿي ڦاهو کائي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو، ان ڏس ۾ ڳوٺ ماڻو خان گاڏهي ۾  غربت ۽ بيماري کان تنگ اچي   22 ورهين جي گل حسن ولد گلزار گاڏهي ڳچي ۾ رومال وجهي ٽينٽ اندر پاڻ کي ڦاهو ڏئي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو، ان حوالي سان نوجوان جي والد   گلزار گاڏهي ٻڌايو ته منهنجو پٽ گل حسن کي 2 سال اڳ موٽر سائيڪل سوار ٽڪر هنيو جنهن جي ڪري ان جي ڄنگهه ڀڄي پئي هئي، پٽ اڪثر بيمار رهندو هيو، ٻوڏ  ۾ منهنجي ننهن به  بيماري سبب فوت ٿي وئي، غربت سبب نمهن جو علاج ڪرائي نه سگهياسين، ٽينٽن ۾ زندگي گذاري رهيا آهيون، غربت سبب پٽ جو علاج نه ڪرائي سگهيا سين پٽ غربت ۽ بيماري جي ڪري  خودڪشي ڪري ڇڏي. جڏهن ته فوتي جي امڙ ڀينرون ٻيا عزيز اوڇگارون ڏئي روئيندا رهيا.