چيلھار (ن پ ا) چيلهار لڳ آر او پلانٽ آپريٽر 22 مهينن جون پگهارون نه ملڻ سبب ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، خبر موجب ڳوٺ ڀوريلو واسي نوجوان تلوڪ گهرن ڀرسان وڻ ۾ رسو ٻڌي ڦاهو کائي زندگي جو ڏيئو هميشه لاءِ اجهائي ڇڏيو، اطلاع تي چيلهار پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي مٺي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، آپگهات ڪندڙ نوجوان آر او پلانٽ آپريٽر هو ۽ هو گهر جو اڪيلو ڪمائيندڙ هو، علائقي ۾ چوٻول آهن ته نوجوان بيروزگاري کان اتنگ اچي آپگهات ڪيو آهي، جڏهن وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان جو دماغي توازن درست نه هو جنهن ڪري هن انتهائي قدم کنيو، واضح رهي ته ٿر ۾ آر او پلانٽس جي 750 ملازمن کي گذريل 22 مهينن کان پگهارون ناهن ملي سگهيون، جنهن ڪري هو وقت بوقت احتجاج پڻ ڪندا رهيا آهن.