ڪراچي: سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاھه  مڪاني چونڊن جي نگراني لاءِ سي پي او پھچي ويو، وڏي وزير سي پي او آفيس ۾ ڪنٽرول روم جو جائزو وٺڻ بعد  پولنگ اسٽيشنز تي ھلندڙ مڪاني چونڊن جي عمل جي نگراني ڪئي. ھن چيو ته آءِ جي پوليس کي پولنگ جي عمل کي پرامن رکڻ جي ھدايت ڪئي. وڏي وزير چيو ته  ڪنھن فسادي کي چونڊ عمل ۾ خلل وجھڻ جي اجازت نه  ڏني وڃي. هن چيو ته سموريون سياسي تنظيمن ۽ ڪارڪنن کي  چونڊ ضابطن ۽ قاعدن جو احترام ڪرڻ گهرجي. ھن پوليس آفيسرن کي مليل باڊي وارين ڪيميرائن جي ڊيمانسٽريشن ( ڪارڪردگي)  پڻ ڏٺي. هن وقت تائين ڪراچي جي 800 پوليس آفيسرن کي  باڊي ڪيميرائون  ڏنيون آھن. سي پي او ۾ آءِ جي وڏي وزير کي پوليس بريفنگ ڏني. ان موقعي تي چيف سيڪريٽري سھيل راجپوت ۽ ٻيا آفيسر موجود ھئا.