خورشيد شاهه، نعمان شيخ ۽ ناصر شاهه جو رستو روڪيندڙ 11 ڄڻن خلاف ڪيس داخل

0
80

پنوعاقل (رپورٽ: نديم بوزدار) پنوعاقل ڀرسان خورشيد شاهه، نعمان شيخ ۽ ناصر شاهه جو رستو روڪيندڙ 11 ڄڻن خلاف جھيڙي جي ايف آءِ آر داخل، پوليس جون چڙھايون

خبر موجب ڳوٺ حسين ڪلوڙ ۾ ٻه ڏينهن اڳ پ پ اميدوار خورشيد شاهه، ناصر شاهه ۽ نعمان اسلام شيخ جي رستا روڪ ڪري پڇاڻو ڪندڙ ڳوٺاڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

خورشيد شاهه، ناصر شاهه ۽ نعمان اسلام شيخ جي تقريب جي ميزباني ڪندڙ ڪلوڙ برادري جي انيس الرحمان ڪلوڙ ۽ خورشيد شاهه جي رستا روڪ ڪندڙن ۾ جھيڙو ٿي پيو

ڌرين ۾ جھيڙي سبب ٻنھي ڌرين جا 4 ماڻھو زخمي ٿيڻ جا اطلاع آھن پر زخمين کي علاج لاءِ ڪنھن به اسپتال منتقل ناھي ڪيو ويو، ٻئي پاسي خورشيد شاهه جي ميزباني ڪندڙ جي ڀاءُ انيس الرحمان جي فرياد تي خورشيد شاهه جي رستا روڪ ڪندڙ ڌر جي 8 سڃاتل ۽ ٽن اڻڄاتلن مٿان بائيجي ٿاڻي تي جھيڙي جي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آھي

ايف آءِ آر داخل ٿيڻ بعد پوليس پاران گرفتارين لاءِ چڙھايون به ڪيون ويون پر ڪا به گرفتاري عمل ۾ ناھي اچي سگهي

هي به پڙهندا

پ پ اميدوار ممتاز علي چانڊيو کان سخت پڇاڻو، وڊيو وائرل