ٺٽو (رپورٽ: اسماعيل ميمڻ ) بدين ضلعي ۾ پ پ مخالف اميداورن کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ پ پ ليڊيز ونگ جي مرڪزي صدر فريال ٽالپر جي صدارت ۾ بدين ضلعي جي اميدوارن جو محسن هائوس ٽٽي ۾ اجلاس ٿي گذريو، اجلاس ۾ بدين جي مختلف تڪن تي چونڊ وڙهندڙ پ پ جي نامزد اميدوارن توڙي پ پ بدين جي اڳواڻن اسماعل راھو، محمد رمضان چانڊيو، رسول بخش چانڊيو. ارباب امان الله، تاج محمد ملاح، ڏاڏا ھاليپوٽو. غلام علي ٽالپر سميت اھم اڳواڻن جي شرڪت ڪئي. ذريعن موجب پ پ اڳواڻ فريال ٽالپر جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ ٽنڊي باگي واري تڪ تي ارباب امان الله کي پارٽي ٽڪيٽ ڏيڻ سبب پارٽي اندر ڌڙابندي ۽ ڇڪتاڻ سميت ضلعي جي مجموعي صورتحال تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. ذريعن وٽان وڌيڪ اهو به معلوم ٿيو آهي ته  پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ فريال پاران اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن تي زور ڀريندي چيو ويو آهي ته هو پارٽي اندر پيدا ٿيندڙ سمورا ويڇا ختم ڪري تير جي نشان تي چونڊ وڙھندڙ اميدوارن کي ڀرپور نموني ڪامياب ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن. ذريعن موجب اجلاس ۾ پارٽي مان اختلاف ختم ڪري تير جي نشان تي اليڪشن ڪندڙ اميدوارن کي ڪامياب ڪرائڻ لاءِ پڻ حڪمت عملي جوڙي ويئي آهي