قبوسعيدخان/ دادو/ جوهي /ميهڙ (رپورٽون: اصغرعلي کوسو / فتاح شيخ / حاڪم لغاري/ ايم بي ٻٻر/ پاويل جوڻيجو) خضدار ۾ دادو واسين سان هانءُ ڏاريندڙ حادثو پيش آيو آهي، جتي بس کاهي ۾ ڪرڻ جي نتيجي ۾ 20 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا جڏهن ته 50 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. ان ڏس ۾ بلوچستان جي شهر خضدار ڀرسان ونگو چاڙهي جو موڙ ڪٽيندي دادو جي زائرين جي ڪوچ ڪلٽي ٿي اونهي کاهي ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ دادو ۽ جوهي جا رهواسي 20 ڄڻا فوت ٿي ويا. فوتين ۾ دادو جي سومرا ۽ بروهي ڪالوني جا رهواسي، رحمت الله بروهي، عاشق بروهي، سجاد، زين العابدين بروهي، جاويد بروهي، سهيل بروهي، جنيد کوکر، اويس جمالي، احسان شيخ پٽ غلام مصطفيٰ شيخ، نثار پٽ شمن پنهور، جوهي جي ڇنڊڻ موري ۽ ڳوٺ گل محمد گاڏهي جا رهواسي عاطف پنهور، عابد پنهور، علي مراد پنهور، نظام گاڏهي، هاشم گاڏهي، پريل، حافظ اسد، آصف علي گاڏهي شامل آهن. فوت ٿيلن ۾ دادو جي بروهي ڪالوني جي هڪ خاندان جي 7 ۽ جوهي جي ڳوٺ گل محمد گاڏهي جي هڪ ئي خاندان 3 ڀاتي پڻ شامل آهن. حادثي ۾ منير احمد ، نور الله ، حافظ غلام مرتضي ، نور نبي ، عرفان احمد ، الله بچايو ، اويس ، ياسين ، محمد يعقوب ، بلاول ، ڪامران ، مختيار ، حامد علي ، عرض محمد ، حافظ قربان ، محمد فاضل ، شفيق احمد ، حڪيم ، امير علي ، حڪيم الله ۽ عبدالقادر ۽ ٻيا ڄڻا زخمي پڻ ٿيا. حادثي کانپوء ليويز اهلڪارن ۽ پاڪ فوج جي نوجوانن پاران اونهي کاهيءَ مان فوتين جا مڙھ ۽ زخمين کي ڪڍي ٽيچنگ اسپتال خضدار ۽ سي ايم ايڇ اسپتال پهچايو. زخمين کي طبي امداد ڏيڻ لاءِ ٻنهي اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪندي صحت کاتي جي ملازمن کي طلب ڪيو ويو، جڏهن ته ڪيترائي زخمي اسپتال جي پٽ تي پيل رهيا. زخمين ۾ اصغر، ابرار جمالي، نور الله، عبدالقادر، محمد فاضل، عرض محمد سميت 12 کي انتهائي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ خضدار جي ٽيچنگ اسپتال ۽ سي ايم ايڇ اسپتال کان هيليڪاپٽر ذريعي ڪوئيٽا اسپتال نيو ويو. حادثي بابت مليل معلومات موجب دادو ۽ جوهي جا زائرين 3 ڏينهن اڳ وڍ ڀرسان درگاھ ڪاڪا هير جي سالياني اجتماع ۾ ويا هئا، جتان جمعي جي رات سومهڻي نماز کان پوءِ اجتماعي دعا بعد واپس دادو لاء نڪتا هئا ته رات جو 3 ، بجي ڌاري ونگو جي خوفناڪ چاڙهي کان موڙ ڪاٽيندي سندن ڪوچ ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري اونهي کاهي ۾ ڪلٽي ٿي ڪري پئي. فوت ٿيلن 20 ڄڻن جا مڙھ ايمبولنس ذريعي دادو پهچايا ويا، جتي فوتين جي وارثن سان گڏ سوين شهري گڏ ٿي ويا. مڙھ پهچڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو عورتون ۽ مرد فوتين جي مڙهن کي چمبڙي اڀ ڏاريندڙ دانهون رڙيون ڪري زارو قطار روئيندا رهيا ۽ سومرا ، بروهي ڪالوني ۾ سوڳ ڇائجي ويو ۽ دڪان ، هوٽلون ۽ ٻيا ڪاروبار بند ٿي ويا.