لاهور (م ڊ) ايف آءِ اي جاچ آفيسر جهانگير ترين ۽ علي ترين ڪيس ۾ عدالت کي آگاهه ڪيو آهي ته هن مرحلي تي گرفتاري جي ضرورت ناهي. جهانگير ترين ۽ علي ترين کنڊ اسڪينڊل جاچ جي روشني ۾ مختلف ڪيسن ۾ عبوري ضمانت مڪمل ٿيڻ تي سيشن ۽ بئنڪنگ ڪورٽ ۾ پيش ٿيا. سيشن ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي جاچ آفيسر چيو ته اسان رڪارڊ جو جائزو وٺي رهيا آهيون، هن مرحلي تي گرفتاري گهربل ناهي، تنهنڪري جوابدارن جي گرفتاري جي ضرورت ناهي. بئنڪنگ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران جهانگير ترين جي وڪيل دليلن ۾ چيو ته اڪائونٽ ۾ پئسا ڪٿان ۽ ڪيئن آيا؟ سڀ تفصيل آهن، شيئر هولڊر جي اجازت سان ڪمپني ڪم ڪندي آهي، اهو ڪيس ايف آءِ اي جي اختيارن جي دائري ۾ نٿو اچي پر ڪيس ايس اي سي پي جو هو. ان موقعي تي ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر چيو ته اسان بنيادي حقن تي يقين رکون ٿا، جهانگير ترين ۽ علي ترين جي ان ڪيس ۾ گرفتاري جي ضرورت ناهي، ڪنهن به ڪارروائي کان اڳ آگاهه ڪنداسين. جهانگير ترين جي وڪيل چيو ته اسان ضمانت جي درخواست واپس وٺڻ چاهيون ٿا،جنهن کانپوءِ وڪيل جهانگير ترين ۽ علي ترين جي بئنڪنگ ڪورٽ ڪيس ۾ ضمانت جي درخواست واپس وٺي ڇڏي. ٻڌڻي کانپوءِ عدالت جي ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين چيو ته ڪيس ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ پيشيون ڀوڳيون ۽ عدالت کي سمورا ثبوت ڏنا، منهنجو سمورو پيسو بينڪ ٽو بينڪ ٽرانسفر ٿيو. 10 مهينن جي تڪليفن کانپوءِ ايف آءِ اي عدالت کي چئي ڇڏيو ته هن جي گرفتاري جي اسان کي ضرورت نه آهي.