خانپور مهر (ن پ ا) خانپور مهر ويجهو بيواهه کي ڪارنهن الزام ڏئي قتل ڪرڻ جي ڪوشش، الزام هيٺ آيل نوجوان وڊيو رڪارڊ ڪري سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏيو. خبر موجب خانپورمهر ويجهو ڳوٺ لنڊ بازار ۾ بيواھ مسمات فريده لنڊ کي مبينا طور ڪارنهن الزام هيٺ مارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ذريعن موجب بيواھ فريده ڌيءُ درگاھي لنڊ  کي سندس والد مبينا طور بندوق جا فائر ڪري قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ناري معجزاڻي طور بچي فرار ٿي ڳوٺ ۾ پناھ ورتي. بعد ۾ بااثر ماڻهن کيس بااثر جي ڪوٽ حوالي ڪري ڇڏيو. هوڏانهن الزام هيٺ آيل نوجوان گلاب لنڊ وڊيو رڪارڊ ڪري سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ هن پاڻ مٿان لڳايل ڪارنهن الزام کي ڪوڙو قرار ڏيندي انصاف جو مطالبو ڪيو آهي. الزام ھيٺ آيل بيواھ  فريده لنڊ جو مڙس فوجي جوان لعل دين لنڊ ڪجھه سال اڳ ڊيوٽي دوران شھيد ٿي ويو ھو. ھوڏانھن خانپورمھر پوليس واقعي کان اڻڄاڻائي ظاهر ڪئي آهي.