راڻيپور (رپورٽ: رضا راڄپر) راڻيپور ٽينٽ سٽيءَ ۾ علاج نه ٿيڻ سبب ٻوڏ متاثر تڙپي تڙپي فوت، وارثن جو مهراڻ هاءِ وي تي لاش رکي ڌرڻو، راڻيپور- نوابشاهه مهراڻ هاءِ وي بند، سوين گاڏيون بيهجي ويون. تفصيل موجب راڻيپور ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ قائم ڪيل ٽينٽ سٽي ۾ ڪنب واسي 45 سالن جو الهرکيو جعفري فوت ٿي ويو. وارثن جو مهراڻ هاءِ وي تي لاش رکي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب راڻيپور- نوابشاهه روڊ بند ٿي ويو. سوين گاڏيون بيهجي ويون. فوتيءَ جي وارثن عبدالجبار، سڪندر جعفري ميڊيا کي ٻڌايو ته ٽينٽ سٽيءَ ۾ صحت جي ڪابه سهولت موجود نه آهي. مقرر ٿيل ڊاڪٽر موجود نه هجڻ سبب  مريض فوت ٿي ويو. ٽينٽ سٽي ۾  ٽائيم تي کاڌ خوراڪ نه ملندي آهي  ان باوجود اي سي سوڀوديرو شاهه رخ مڱڻهار اسان کي ٽينٽ سٽي خالي ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي ويو هو ته ٽينٽ سٽي خالي ڪري واپس هليا وڃو، ٻِي صورت ۾ اوھان کي زوري ڪڍيو ويندو. اسان جا گهر تباهه ٿي ويا آهن، جنهن ڪري ٽينٽ سٽي ۾ پناھ ورتي. اهڙي ڌمڪي ملڻ کان پوءِ اسان جو بيمار همراهه فوت ٿي ويو. هنن چيو ته اسان وٽ  ڪفن دفن جا پيسا به ڪونه آهن. هينئر ڪيڏانهن وڃون. اسان کي هتي تڏو ڪرڻ به نٿو ڏنو وڃي. هنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اي سي سوڀوديرو خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.