حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيسڪو ۾ مختلف آفيسرن جون مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون آهن. جي ايم آپريشن حيدرآباد سان سلهاڙيل سينئر انجنيئر اشفاق علي ڀٽي کي ايگزيڪيوٽو آپريشن ڊويزن ميرپورخاص مقرر ڪيو ويو آهي. اها جاءِ خالي پيل هئي. مقرري جي انتظار ۾ ويٺل قائم مقام ايس ڊي او ميرپورخاص وقار سليم کي بدلي ڪري ايس ڊي او آپريشن صدر حيدرآباد مقرر ڪيو ويو جتان امتياز احمد ميمڻ کي بدلي ڪري ايس ڊي او حيسڪو سب ڊويزن ميرپورخاص سٽي مقرر ڪيو ويو آهي. اي اِي (پي اينڊ آءِ) جي ايس او ميرپورخاص اطهر جاويد کي بدلي ڪري اي ايم (انسپيڪشن) جي ايس سي حيسڪو، اي ايم (انسپيڪشن) جي ايس سي حيدرآباد فيض احمد نائچ کي بدلي ڪري اي اِي (پي اينڊ آءِ) جي ايس او ميرپورخاص ۽ اي ايم (پي اينڊ اي) حيسڪو حيدرآباد اخلاق حسين ميمڻ کي بدلي ڪري ايس ڊي او آپريشن سب ڊويزن حيسڪو ڄامشورو مقرر ڪيو ويو آهي. اهڙين مقررين ۽ بدلين جا آرڊر به جاري ڪيا ويا آهن.