ٽنڊو محمد خان ( رپورٽر ) ورڪس اينڊ سروس جي صوبائي وزير سيد ضيا عباس شاھ رضوي چيو آهي ته حيدرآباد ٽنڊو محمد خان روڊ جي تعميرات ڪم ۾ ڪرپشن جي خلاف اعلى سطح تي جانچ ڪرائي ڪاروائي ڪئي ويندي ، اهڙو اظهار هن ٽنڊو محمد خان جي ڊسٽرڪٽ ڪامپليڪس ۾ عملدارن سان اجلاس ، ڳوٺ غلام محمد جت جي روڊ جو افتتاح ، پ پ اڳواڻ غلام مصطفى جت جي ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو ، هن چيو ته سنڌ جي اندر روڊن رستن جي زبون حالت لاءِ سنڌ حڪومت ڪيل سروي تحت نئين سر تعميرات لاءِ قدم کڻي رهي آهي جنهن ۾ برساتن جي تباھڪارين سان ٿيل نقصان جو فوري طور ڪو به ڪاٿو ڪري نه سگهجي پر ان لاءِ عملي طور قدم کنيا ويا آهن ، جنهن ۾ سنڌ حڪومت پنهنجي مدو پورو ڪرڻ کان اڳ روڊن جي زبون حالت کي بهتر ڪرڻ ۾ هر ممڪن اپاءُ وٺندي ، مٽياري سميت سنڌ جي ٻين علائقن ۾ ميگا ڪرپشن جي الزامن جي جانچ مڪمل ڪرائڻ سان گڏ ڪاروائي مڪمل ڪئي ويندي ته وري حيدرآباد ٽنڊو محمد خان روڊ جي تعميرات کان اڳ آيل عوامي شڪايتن جو سخت نوٽيس ورتو ويندو ، روڊ جي تعميرات ۾ عملدارن سان گڏ ٺيڪيدارن جي ڪوتاهين تي سندن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي جنهن ۾ کين ڪا به رعايت نه ڏني ويندي ، بلڙي شاھ ڪريم سجاول روڊ جي زبون حالت جو پڻ نوٽيس ورتو ويو آهي روڊ جي نئين سر تعميرات جي اسڪيم منظور ٿي چڪي آهي جنهن جو ڪم جلد شروع ڪرائڻ لاءِ سمورا قدم کنيا ويندا ، هن چيو ته آدمشماري جو حساس معاملو سنڌ جي خدشن کي وفاق کي هر حالت ۾ ان جو حل ڳولڻ گهرجي ، جنهن لاءِ سنڌ حڪومت وزيراعظم پاڪستان کي پنهنجي خدشن کان آگاهي ڏني آهي ، ماضي جي ڪيل آدمشماري جي ابتڙ نتيجن بجاءِ نئين ٿيندڙ آدمشماري سنڌ جي سمورن ننڍن وڏن شهرن جي آبادي کي ان ۾ شامل ڪرڻ ۽ غيرقانوني طور آيل پرڏيهين کي ان کان الڳ رکڻ جي خدشن جو حل لازمي مڪمل ڪيو وڃي.  ، جنهن ۾ پرڏيهين کي ڪنهن به حالت ۾ آدمشماري ۾ شامل ڪرڻ جو ڪو به قانوني جواز نه رهندو ، ملڪ جي ٻين صوبن جي آبادي کي آدمشماري ۾ صوبن جي نمائندگي سان شامل ڪيو وڃي ، هن اهو به چيو ته مهانگائي جو طوفان ملڪ جي عظيم تر مفادن لاءِ قوم کي پنهنجي روشن مستقبل جي تعميرات ۽ سمورن پريشانين کان بچڻ لاءِ ڪجھ وقت مهانگائي جو بار برداشت ڪرڻو پوندو.