حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي فقير جي پڙ واري علائقي ۾ اڌڙوٽ عورت مبينا طور چڪر اچڻ سبب ڪري بيهوش ٿي وئي. علائقي واسين ايڌي جي مدد سان عورت کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو پر هو رستي ۾ ئي فوت ٿي وئي. ايڌي انچارج معراج الدين جو چوڻ آهي ته عورت جي سڃاڻپ 55 سالن جي مسمات مهرالنساءَ طور ٿي آهي. سندس تعلق گل شاهه بخاري واري علائقي سان آهي جنهن جو مڙهه پوليس پاران ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته ڄاڻايل عورت فقير جي پڙ چوڪ وٽ مبينا طور گرمي سبب اوچتو بيهوش ٿي ڪري ۽ فوت ٿي وئي.