حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ڦليلي جي علائقي اسلام آباد چوڪ وٽ 6 ڏينهن اڳ بجلي جي ٽرانسفارمر کي لڳل باهه دوران سڙي زخمي ٿيلن مان وڌيڪ هڪ ڄڻو فوت ٿي وڃڻ بعد واقعي ۾ سڙي فوت ٿيلن جو انگ وڌي 2 ٿي ويو آهي جڏهن ته وارثن جي احتجاج بعد ايڊيشنل چيف انجنيئر حيسڪو معاملي جو نوٽيس وٺندي سب ڊويزن حيسڪو ڦليلي جي ايل ايف ايم 1 خالد الرحمان کي معطل ڪري ڇڏيو آهي. ڦليلي ٿاڻي جي ايس ايچ او نياز پنهور تصديق ڪندي ٻڌايو ته ٽيون نمبر تلاءُ جو رهواسي 25 سالن جو سجاد ماڇي ڪراچي اسپتال ۾ داخل هو جتي هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو جنهن جو لاش وارث خميس واري رات گهر کڻائي آيا هئا. ايس ايڇ او موجب ته وارثن احتجاج دوران فيصلو ڪيو آهي ته هو واقعي جو ڪيس داخل ڪرائيندا ان لاءِ پوليس پاران کين خاطري ڪرائي وئي آهي ته جنهن وقت به متاثر ماڻهو ٿاڻي ايندا ان ٽائيم سندن ڪيس داخل ڪيو ويندو. واضح رهي ته هڪ ڏينهن اڳ 14 سالن جو جنيد پٽ عبدالستار شاهه به فوت ٿي ويو هو. اسلام آباد چوڪ جي گهٽي وٽ 18 جون تي بجلي جي ٽرانسفارمر کي باهه لڳي جنهن دوران 5 ٻارڙن سميت 7 ڄڻا سڙي زخمي ٿيا هئا. زخمين مان 2 ڄڻا ڪراچي جي اسپتال ۾ فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته باقي زخمي ٿيل 5 ٻارن مان ٻن ڄڻن کي سول اسپتال مان ڊسچارج ڪيو ويو آهي. 3 ڄڻا اڃا تائين زير علاج آهن.