ملير ( رپورٽر) يوسي پپري مان پوليس هٿان کنڀيل نوجوان انور چانڊيو جو پتو نه پئجي سگهيو، وارثن جو پوليس خلاف ملير پريس ڪلب آڏو احتجاج. خبر موجب يوسي پپري جي ڳوٺ ٿانهر خان بلوچ جي رهواسين حميده چانڊيو، اسلم چانڊيو، عدنان چانڊيو ۽ ٻين پاران پوليس هٿان گرفتاري بعد گم ڪيل نوجوان انور چانڊيو جي بازيابي لاءِ ملير پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته رات جو دير سان ٻه پوليس موبائلون، هڪ ويگو گاڏيءَ ۾ سوار پوليس وردي ۽ سادا ڪپڙا پهريل اهلڪارن چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪندي گهر اندر داخل ٿي انور چانڊيو کي گرفتار ڪري پاڻ سان گڏ کڻي ويا آهن، اسان حد جي ٿاڻي بن قاسم جي ايس ايچ او وٽ وياسين، جنهن ٻڌايو ته اسان ڪابه گرفتاري ناهي ڪئي جنهن بعد ٻين ٿاڻن تي وياسين پر ڪٿي به اسان کي انور چانڊيو جي گرفتاري بابت نه ٻڌايو ويو آهي. هنن چيو ته اسان کي خبر پئي آهي ته انور چانڊيو شاهه لطيف پوليس گرفتار ڪيو آهي پر ايس ايچ او نيڪ محمد کوسو جو چوڻ آهي ته هن انور چانڊيو کي گرفتار نه ڪيو آهي. هنن چيو ته انور هڪ پورهيت ۽ شريف شهري آهي، هن جو ڪنهن به سياسي پارٽي سان واسطو نه آهي نه ئي هي ڏوهاري آهي. هنن آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي ملير کي اپيل ڪئي ته انور چانڊيو کي بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.