حيدرآباد (بيورو رپورٽ) جيئي سنڌ تحريڪ پاران ڌارين جي آبادڪاري، کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزادي ۽ سنڌو ندي تي ڊيم ٺاهي سنڌ جا وسيلا هڙپ ڪرڻ واري عمل خلاف اولڊ ڪيمپس کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو. مظاهرين هٿن ۾ بينرز ۽ پلي ڪارڊز کڻي ڌارين کي سنڌ مان نيڪالي ڏيڻ ۽ ڊيمن جي اڏاوت روڪي سنڌ کي وسيلن جو حق ڏيڻ لاءِ نعريبازي به ڪئي. مظاهرين کي سورهيه سنڌي، مير ساگر سيال، انور بڙدي، قيوم ابڙو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته افغانين جو مهاجر طور مدو پورو ٿي ويو آھي پر پوءِ به حڪومت کين نيڪالي ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي. هنن چيو ته سنڌ جي وسيلن جي قبضا جاري آھن. ڪڏهن ذوالفقار آباد ته ڪڏهن بحريا ٽائون جي نالي سان اڏاوتون ڪيون پيون وڃن جڏهن ته سنڌ حڪومت زمين تي والار وارن منصوبن جي مڪمل طور پٺڀرائي ڪري رهي آهي. هنن چيو ته سنڌ مان هر روز بيگناهه ماڻهو کنڀي گم ڪيا وڃن ٿا جيڪي سالن جا سال گم رهن ٿا پر سندن بازيابي لاءِ لاڳاپيل ادارا ڪو به ڪردار ادا نٿا ڪن ۽ نه ئي وري ان عمل کي روڪڻ لاءِ ڪو تحرڪ ورتو وڃي ٿو. سنڌ جي درياهه مٿان زبردستي ڊيم ٺاهيا پيا وڃن جنهن سان سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري رهي آهي. هنن چيو ته 40 لک کان وڌيڪ افغاني ڪراچي ۾ آباد آھن جيڪي مقامي ماڻهن لاءِ عذاب بڻجي ويا آهن. ڪراچي ۾ هر روز ڪنهن نه ڪنهن علائقي ۾ سنڌي نوجوانن کي قتل ڪيو وڃي ٿو جڏهن ته سنڌ سرڪار افغانين جي به سهولتڪار بڻيل آهي. هنن گهر ڪئي ته 1954ع کانپوءِ سنڌ ۾ آيل افغانين، برمين، بنگالين، پنجابين ۽ پٺاڻن کي فوري طور نيڪالي ڏئي کنڀي گم ڪيل سمورن ماڻھن کي آزاد ڪيو وڃي ۽ سنڌو ندي مٿان ڊيم ٺاهڻ ۽ سنڌ تي والار وارو عمل فوري طور بند ڪيو وڃي.