حيدرآباد (بيورو رپورٽ) جماعت اسلامي پاڪستان جي مرڪزي نائب امير لياقت بلوچ چيو آهي ته چونڊن جو طبل وڄي چڪو آهي. جماعت اسلامي 2023ع جي چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺندي جڏهن ته حڪمران چونڊن کان فرار ٿيڻ چاهين ٿا. حيدرآباد جي هڪ مقامي شادي هال ۾ چونڊ ڪنوينشن کي خطاب ڪندي لياقت بلوچ چيو ته رياستي ادارا پنهنجي انجنيئرنگ مڪمل ڪرڻ لاءِ وقت جا گهرجائو آهن. اسان چونڊ به وڙهنداسين ۽ جمهوريت جي حفاظت به ڪنداسين. هن چيو ته پاڪستان ۾ سياسي استحڪام اچڻ گهرجي جنهن جو رستو صرف اليڪشن آهي. اسيمبليون پنهنجو مدو پورو ڪري رهيون آهن. عمران خان جو غلط سياسي فيصلو هو جنهن جا هو نتيجا ڀوڳي رهيو آهي. هن چيو ته پنجاب اسيمبلي جي چونڊن تي سياسي قوتن ۾ اتفاق نه هو. حڪمرانن کي فيصلو ڪرڻو آهي ته هو ڪرسي سان چهٽيل رهندا يا اسيمبليون ٽوڙڻ چاهين ٿا. حڪومت جي جتين ۾ اها ئي دال پئي ورهائجي ته سندن اقتدار جو مدو وڌايو وڃي. هن چيو ته آئيني مدي ۾ اليڪشن ٿيڻ گهرجي جنهن ۾ هڪ ڏينهن جي به دير نه ٿيڻ گهرجي. اسان جي ڀڄ ڊڪ پنهنجي مفاد لاءِ نه آهي پر اسان عوام جي خدمت ڪرڻ چاهيون ٿا. اسان چاهيون ٿا ته ملڪي وسيلن ۾ منصفاڻي ورڇ ٿئي. هن چيو ته چونڊن ۾ جذبو ۽ هوش وڙهندو آهي جڏهن ته جنون اڳيان وڌي ٿو. اسان ميدان ۾ لٿا آهيون ته عوام خير مقدم ڪيو آهي. جاگيردار ۽ وڏيرا پريشان آهن. هو اسان جي اميدوارن جو ڪهڙي ريت مقابلو ڪندا. لياقت بلوچ چيو ته جماعت اسلامي مان ماڻهن کي وڏيون اميدون آهن. موجوده ٺڳي جو ٺاهه زمين بوس ٿي رهيو آهي ۽ سياسي گروهه بي نقاب ٿي رهيا آهن. پاڪستان کي هڪ وڏي تباهي ۽ بربادي طرف ڌڪيو ويو آهي. اسان پاڪستان جي عوام کي ظلم کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته پاڪستان ايٽمي صلاحيت رکي ٿو جڏهن ته گوادر سي پورٽ راند تبديل ڪرڻ واري حيثيت رکي ٿو. پاڪستان ۾ فوجي مارشل لا جا تجربا ناڪام ٿي چڪا آهن. اسٽيبلشمينٽ اڻ سڌي طرح بالادستي رکڻ لاءِ ڀٽو ازم کي هٿي وٺرائي آهي. پيپلزپارٽي سنڌ ۾ 15 سالن کان حڪمراني ڪري رهي آهي پر سنڌ جي حالت سڀني جي سامهون آهي. پ پ جا حڪمران ماڻهن کي ڏينهن جو تارا ڏيکاري رهيا آهن. نواز شريف کي 4 ڀيرا اقتدار مليو پر هن پاڪستان کي مستحڪم ۽ اقتصادي طور پاڻ ڀرو نه ڪيو. اسٽيبلشمينٽ جو جڏهن پ پ ۽ نواز شريف مان دل ڀرجي ويو ته عمران خان پروجيڪٽ کي لانچ ڪيو ويو. عمران خان کي به عوام ڏسي ورتو. هن پاڻ کي اسٽيبلشمينٽ جي جهولي ۾ وڌو. عمران خان اقتدار مان اپوزيشن ۾ آيو پر غلط روش ۽ آمراڻي طرز عمل جي ڪري ملڪ ۾ سياسي طور استحڪام پيدا ڪري نه سگهيو. عمران خان مقبوليت جي انتها تي هو پر هو سياسي توازن برقرار رکي نه سگهيو. هن چيو ته عمران خان نئون پتو اڇلايو ته 14 مئي کان پهرين اسيمبليون ٽٽي وڃن. ان کان اڳ 9 مئي جا واقعا ٿيا جنهن سبب سڀ ڪجهه بدلجي ويو. ڪنهن دور ۾ ڀٽو ۽ نواز شريف به مقبوليت جي عروج تي هئا پر انهن جو انجام ڇا ٿيو اهو به سڀ ڪنهن کي معلوم آهي. اسٽيبلشمينٽ هاڻي سڀني کي تقسيم ڪرڻ چاهي ٿي. هن چيو ته جيڪڏهن قومي قيادت پاڪستان خاطر هڪ ميز تي ويهڻ چاهي ته اسان ان عمل کي ڀليڪار چونداسين. پاڪستان جي ضرورت صاف ۽ شفاف چونڊون آهن. جيڪڏهن چونڊون متنازعه ۽ ڌانڌلي واريون ٿيون ته اهو عمل پاڪستان لاءِ تباهي جو اهڃاڻ هوندو. هن چيو ته آءِ ايم ايف جي شرطن عوام جو رت پي ڇڏيو آهي. وياج جي لعنت ملڪي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته ڪراچي جا ماڻهو سجاڳ آهن. بلدياتي چونڊن ۾ ٿيل ڦرلٽ جو هو عام چونڊن ۾ بدلو وٺندا. ان موقعي تي جماعت اسلامي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي، مرڪزي نائب امير ۽ ملي يڪجهتي ڪائونسل سنڌ جي صدر مولانا اسد الله ڀٽو، مرڪزي نائب امير ڊاڪٽر فريد احمد پراچا ۽ ٻين خطاب ڪيو جڏهن ته ممتاز حسين سهتو سنڌ جي چونڊ جو منشور پيش ڪيو.