باڊهه (ن پ ا) باڊھه واسين سان حڪمرانن جا واعدا وفا نه ٿيا، شهر کي تعلقي جو درجو نه ملي سگهيو، شھرين پاران باڊھه کي تعلقي جو درجو ڏيارڻ لاءِ باڊھه تعلقا موومينٽ جي سڏ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي مولانا نصير ڀٽو، علي محمد بروهي ۽ ٻين چيو ته باڊهه جو شهر آباديءَ جي لحاظ کان لاڙڪاڻي ضلعي جو ٻيو نمبر وڏو شهر آهي، جنهن جو تعلقو بنجڻ بنيادي حق آهي پر حمڪران ان کي لاڳيتو نظر انداز ڪري رهيا آهن، هنن چيو ته وڏي عرصي کان جدوجهد ڪندا پيا اچون پر افسوس آهي جو حڪومت ۾ ويٺل چونڊيل نمائندن هن وقت تائين ڪو به نوٽيس ناهي ورتو، هنن چيو ته حڪمران باڊھه واسين کي رڳو سکڻا دلاسا ڏئي رهيا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏئي مسئلو حل ڪيو وڃي.