حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ هڪ ئي رات پوليس ٽن هنڌن تي ڦورن سان مبينا مقابلن جي دعويٰ ڪندي ٽنهي ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي. پوليس ترجمان موجب سي آءِ اي پوليس جي نشاندهي تي حسين آباد پوليس بچاءُ بند ويجهو پاپوش بابا  درگاهه وٽ گهرن مان ڦرلٽ جي ارادي سان بيٺل ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ لاءِ پهتي ته ڏوهارين پوليس کي ڏسي فائرنگ ڪئي جنهن دوران جوابي فائرنگ ۾ گهرن مان ڦرلٽ ڪندڙ گروهه جو سربراهه عطاءُ الله عرف انور پٺاڻ زخمي ٿيو جنهن کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي. پوليس موجب زخمي جوابدار اڳ ئي 12 ڪيسن ۾ چالان ٿي چڪو آهي جڏهن ته ٽن ڪيس ۾ اشتهاري هو. بلديا پوليس به سي آءِ اي جي نشاندهي تي عبدالستار ايڌي روڊ باءِ پاس تي موٽرسائيڪل ڦر ڪندڙ گروهه سان مقابلو ٿيو. جوابي فائرنگ ۾ وقاص پٺاڻ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو. پوليس موجب جوابدار خلاف 6 ڪيس داخل ٿيل آهن جنهن 20 کان وڌيڪ موٽرسائيڪلون ڦر ۽ چوري ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي. پوليس ترجمان موجب فورٽ پوليس ريلوي دڪي وٽ ڏوهارين جي اطلاع تي پهچي کين گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ هڪ ڏوهاري صدام حسين ڀٽو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو جڏهن ته سندس ٻيا ساٿي فرار ٿي ويا آهن. پوليس دعويٰ ڪئي ته زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل جوابدار خلاف 11 ڪيس داخل ٿيل آهن جيڪو پوليس کي 6 ڦرلٽ ۽ پوليس مقابلن جي ڪيسن ۾ گهربل هو. ٽنهي ڏوهارين وٽان غيرقانوني اسلحو هٿ آيو. سندن خلاف پوليس مقابلي ۽ اسلحي هٿ اچڻ جا ڌار اڌر ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.