تنزاليه (انٽرسٽنگ نيوز) ڇا اوهان کي خبر آهي ته دنيا جي هڪ ڍنڍ اهڙي آهي جتي جاندارن جي جسم کي “پٿر” ۾ تبديل ڪري ڇڏيندي آهي. آفريڪي ملڪ تنزانيه جي اتر ۾ ناٽرون نالي هڪ ڍنڍ ۾ جيڪڏهن ڪو جاندار ڪري پوي ۽ ڪنهن سبب جي ڪري ٻاهر نه نڪري سگهي ته هن جو جسم پٿر جي شڪل ۾ تبديل ٿي محفوظ ٿي سگهي ٿو. هونئن جيڪڏهن ڪو انسان ان ڍنڍ ۾ ڪِري پوي ته فوري طور تي ڪوبه خطرو نه هوندو پر ان ۾ غوطا کائڻ جو تجربو به خوشگوار نه هوندو. ڪجهه عرصو اڳ هڪ فوٽوگرافر اتي پٿر جهڙن مرده پکين جون تصويرون سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيون هيون جيڪي وائرل ٿي ويون هيون. ان ڍنڍ جي حوالي سان ڪيتريون ئي ڪهاڻيون پکڙيل آهن پر ان ڍنڍ کي قاتل ڍنڍ قرار نٿو ڏئي سگهجي ڇو ته اها ڍنڍ ڪجهه جاندارن جو گهر به آهي جن ۾ فليمنگو نالي پکي سڀ کان نمايان آهن.