حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ پريس ڪلب آڏو مختلف ڌرين پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. لطيف آباد يونٽ نمبر 10 جي رهواسڻ فرح ناز راجپوت پريس ڪانفرنس ڪندي الزام هنيو آهي ته اينٽي انڪروجمينٽ لطيف آباد جي انچارج شڪيل قريشي عدالتي منع نامي باوجود پلاٽ نمبر 226 ديهه گدو بندر ۾ واقع درگاهه ۽ امام بارگاهه کي مسمار ڪري عدالتي حڪمن جي توهين ڪئي آهي. هٽڙي واري علائقي سان تعلق رکندڙ کوسا برادري جي عورتن ٻارڙن سان گڏجي احتجاج ڪيو. ان موقعي تي مسمات شريفان کوسو، بشيران کوسو ۽ چيو ته صدر جي علائقي ۾ ڪشور ڪمار نالي شخص سندن 10 سالن جي نياڻي خانزادي کي مبينا طور گم ڪري ڇڏيو آهي ۽ نياڻي جي مطالبي تي هن مٿن چوري جو ڪيس داخل ڪرائي چئن عورتن سميت 2 نياڻيون به گرفتار ڪرائي ڇڏيون آهن. ڄامشورو جي منظور آباد جي رهواسڻ مسمات محبت ماڇي گهرڀاتين سان گڏجي نوجوان راشد ماڇي کي پوليس پاران کنڀي گم ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو. هن چيو ته سندس پٽ راشد ماڇي کي کاڻوٺ پوليس کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي جنهن ڪري کين خدشو آهي ته هو ڪٿي نوجوان کي هاف يا فل فراءِ نه ڪري ڇڏين. شهبازبلڊنگ جي پيون ڪالوني جي رهواسي ارباب علي دانهيدي ٻڌايو ته هن عالم خان پٺاڻ کان 70 هزار رپيا وياج تي رقم کنئي جنهن جون قسطون ادا ڪرڻ باوجود هو کانئس وڌيڪ ٻه لک رپيا طلب ڪري رهيو آهي. چمبڙ جي ڳوٺ ونگي اوٺا جي رهواسي محمد علي اوٺو چوٿين ڏينهن به گهرڀاتين سان گڏجي نياڻي مهرالنساءِ جي قتل واقعي ۾ ملوث سندس سهري حاجي اوٺو ۽ مڙس رضا محمد جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪيو. ريڊيو پاڪستان جي رٽائرڊ ملازمن عبدالله ڀٽي، محمد سميع، محمد فاروق، مظفر حسين ۽ محمد امين زنئور پنهنجي معصوم ٻارن سميت پينشن ۽ ٻيون مراعتون نه ملڻ خلاف احتجاج جاري رکيو.