ٽنڊوالهيار ( رپورٽر) ٽنڊي الهيار ۾ مختلف ڌرين مطالبن جي مڃتا لاءِ مظاهرا ڪيا. ان ڏس ۾ ميرپوخاص حيدرآباد باء پاس روڊ جي وچ ۾ تعمير ٿيندڙ ديوار ( ڀت ) ۾ نصرپور روڊ جو ڪراس وارو ڪٽ نہ ڇڏڻ خلاف احتجاج ڪندي شهرين چيو تہ پراويشنل هاء وي طرفان باء پاس تي تعمير ٿيندڙ ديوار ۾ نصرپور ڏانهن ويندڙ رستي کي بند ڪري ڇڏيو آهي جڏهن تہ نصرپور ڏانهن ويندڙ ڪٽ کي تمام پري رکيو ويو آهي جنهن سان شهري توڙي پري پري کان شهر ۾ ايندڙ عوام کي سخت مشڪلاتون پيش اينديون. ٽنڊوالهيار شهر جي الماس ڪاٽن فيڪٽري جي ڀرسان ويٺل بلوچ برادري جي عورتن ۽ مردن جو پوليس جي ڏاڍائين خلاف دانهيو. نادر بلوچ پنهنجي چيو تہ منهنجون 2 جاڻيون نياڻيون آهن جيڪي ٿليسميا جون مريض آهن گذريل ڏينهن آر آر ايف ۽ ون فائيو مددگار پوليس چادر ۽ چوديواري جو تقدس پامال ڪندي اسان جي گهر مٿان چڙهائي ڪري اسان جي ٻن نوجوانن مجاهد بلوچ ۽ عادل بلوچ کي پاڻ سان گڏ کڻي وئي آهي جڏهن تہ پوليس منهنجي ٻن ٿليسميا جي مريض نياڻين جون رپوٽون ۽ موبائيل پڻ پاڻ سان گڏ کڻي وئي آهي اسان تمام گهڻا پريشان آهيون. نوٽيس ورتو وڃي. ڳوٺ شاهپور رضوي جي رهواسين پاران عمرساند پوليس ۽ سي آئي اي پوليس خلاف دانهيون، بابو خاصخيلي، مهر علي خاصخيلي . ساجد علي خاصخيلي ۽ ٻين چيو تہ پوليس منشيات وڪرو ڪرڻ لاء زور ڀري رهي آهي عمرساند پوليس ۽ سي آئي اي پوليس اسان غريبن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. انصاف نہ ٿيو تہ پنهنجي پاڻ کي ساڙينداسين جنهن جو ذميوار ايس ايس پي ٽنڊوالهيار هوندو .