حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ سنڌ يونيورسٽي جي اولڊ ڪئمپس ۾ ملڪ جي ڇهين عالمي معيار جي نيشينل انڪيوبيشن سينٽر جو افتتاح ڪيو ويو آهي. وفاقي وزير انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن سيد امين الحق ان سينٽر جو افتتاح ڪيو. ان کان اڳ اسلام آباد، ڪراچي، ڪوئٽيا، لاهور ۽ پشاور ۾ 5 انڪيوبيشن سينٽر قائم ٿي چڪا آهن. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير سيد امين الحق چيو ته حڪومت جي ڊجيٽل پاڪستان ويزن ۽ ڪاروباري ماڻهن لاءِ سازگار ماحول جي فراهمي مطابق هاڻي ننڍن وڏن شهرن ۾ اين آءِ سي ايس قائم ڪيا پيا وڃن.