حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي ڳوٺ لونگ چنڊ، صاحب خان رند ۽ ٻين ڳوٺن جو دورو ڪري برسات متاثرين ۾ راشن، بسڪيٽ، کير، جوس ۽ ٻيو سامان تقسيم ڪيو. متاثرين سان ڳالهائيندي هن چيو ته پ پ حڪومت سنڌ کي هٿ سان ٻوڙي غريب ماڻهن جا اجها پٽ ڪري کين دربدر ڪري ڇڏيو آهي. حڪومت جي نااھلي ۽ ڪرپشن جي ڪري سڄي سنڌ پاڻي جي گھيري ۾ آھي. بچيل شهرن کي به حڪمران عالمي امداد جي آسري تي ٻوڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. برسات ۽ ٻوڏ جي ڪري پ پ ۽ سنڌ حڪومت جي لاٽري کلي وئي آهي. عالمي امداد جي باوجود ٻوڏ متاثرين جي ڪا به واهر نه ٿي آهي ۽ متاثرين جي نالي ۾ ڪوڙا بل ٺاھي اربين رپين جي ڪرپشن ڪئي پئي وڃي. هن مطالبو ڪيو ته متاثرين جي ڀرپور مدد ڪئي وڃي جڏهن ته سندن جماعت متاثرين سان هر سطح تي گڏ آهي.