حيدرآباد (بيورو رپورٽ). پٻڻ ٿاڻي جي حد شيخ ڀرڪيو-حيدرآباد روڊ تي بيٺل قديمي وڻن جي واڍي شروع ٿي وئي آهي. علائقي واسين ايڊووڪيٽ محمد اسماعيل خاصخيلي ۽ ٻين پوليس تي وڻ وڍرائڻ جو الزام هڻندي چيو آهي ته ڄاڻايل وڻ بااثر واپارين پوليس جي مدد سان وڍرائڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. هنن چيو ته سندن ڳوٺ سامهون روڊ جي ٻنهي پاسن کان بيد مشڪ، ٽالهي، نم ۽ ٻٻر جا قيمتي ۽ ناياب وڻ بيٺل آهن جن کي وڍرائي ماحول دشمني جو مظاهرو ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته وڻ ماحول دوست آهن جنهن ڪري هو ڄاڻايل معاملي خلاف عدالتن جو رخ ڪندا. رابطو ڪرڻ تي پٻڻ ٿاڻي جي ايس ايڇ او غلام مصطفيٰ عاقلاڻي علائقي واسين جا الزام رد ڪندي چيو ته وڻن جي سار سنڀال لهڻ توڙي وڍرائڻ وارو معاملو ٻيلي کاتي جو آهي. سندن ڄاڻايل معاملي سان ڪو به تعلق نه آهي. ڄاڻايل وڻ جنهن زميندار جي زمين سامهون بيٺل هئا اهي پيا وڍرائين. هن چيو ته جيڪڏهن علائقي واسي ٻيلي معرفت کين وڻن جي واڍي ۾ ملوث ماڻهن خلاف درخواست ڏيندا ته هو انهن خلاف ڪارروائي کي يقيني بڻائيندا.