ڪنري (ن پ ا) ڪنري ۾ ربيع جي موسم دوران پوکيل سرنهن جو فصل تيار ٿيڻ بعد  ڪٽائي ٿي مارڪيٽ ۾ پھچڻ شروع ٿي ويو آھي، ڪنري جي اناج منڊي ۾ روزانو پنج هزار مڻ کان وڌيڪ سرنھن جي خريداري ٿي رهي آهي، جنهن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو پيو وڃي، ھلندڙ مھيني جي شروعات ۾ 9700 رپيا في مڻ وڪرو ٿيندڙ سرنهن نئون فصل مارڪيٽ ۾ اچڻ سان ئي ان جي اگهه م 2 هزار رپيا في مڻ تي گهٽجي ويو آهي، هاڻي نئون فصل 7800 سئو رپيا في مڻ وڪرو ٿي رهيو آهي، جنهن ڪري آبادگار سخت پريشان ٿي ويا آهن، آبادگارن اسحاق خان، موسيٰ علي، ناصر ۽ ٻين جو چوڻ هو ته مرچ ۽ ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ سبب هو سخت مالي مشڪلاتن جو شڪار آهن ۽ کين اميد هئي ته سرنھن فصل جو مناسب اگهه ملندو پر هتي واپارين هٿرادو اگهه مقرر ڪري ڇڏيا آهن، هوڏانهن واپاري نثار خان ۽ ٻين چيو ته سرنھن جي نئين فصل ۾ نمي جي مقدار وڌيڪ هجڻ سبب قيمتون گهٽجي رهيون آهن، جڏهن ته پام آئل ۽ ڊالر جي اگهن ۾ استحڪام نه هجڻ به گهٽتائي جو سبب آهي، ياد رهي ته عمرڪوٽ ضلعي ۾ گذريل سال آگسٽ ۾ ٿيل برساتن سبب ڪپهه جي فصل کي سخت نقصان پهتو هو، جنهن کانپوءِ برسات متاثر علائقن ۾ وڏي پيماني تي سرنھن جو فصل پوکيو ويو هو.