قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد لڳ ڪار جي ٽڪر ۾ معصوم نينگري فوت، خبر موجب ڳوٺ گھرام مري وٽ لنڪ روڊ تي تيز رفتار ڪار 8 سالا معصوم نينگري سھانا مري کي ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ۾ هوءَ سخت زخمي ٿي پئي، نينگري کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ تعلقه اسپتال قاضي احمد پھچايو ويو، جتي هوءَ زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي وئي، نينگري جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، نينگري جو ڳوٺ حيات مري گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو.