حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ضلعي انتظاميا جي درخواست تي پراڻي سبزي مارڪيٽ جون اڌو اڌ ڪاروباري سرگرميون نئين سبزي مارڪيٽ منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل الهبچايو سومرو ڪمشنر محمد عباس بلوچ پاران عدالت ۾ سبزي مارڪيٽ ٻاهر منتقل ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته ڪورونا سبب شهر ۾ ڪيس تيزي سان وڌي رهيا آهن پر پراڻي سبزي مارڪيٽ ۾ ڀاڄين توڙي ميوات جي وڪري دوران ٿيندڙ رش کي روڪڻ ۾ واپاري برادري مڪمل طور تي ناڪام آهي جن کي بار بار ايس او پيز تي عمل لاءِ چيو ويو آهي پر واپاري اهو جواز ڄاڻائي عمل نٿا ڪن ته سبزي مارڪيٽ ۾ آڪشن واري هنڌ ڀاڄين ۽ ميوات جي وڪري دوران رش کي ڪنٽرول نٿو ڪري سگهجي. درخواست گذار محمد آصف آرائين ۽ عبدالرحمان آرائين جي وڪيل ذوالقرنين ٽالپر دليل ڏنا ته نئين سبزي مارڪيٽ ۾ اڃا تائين انتظاميا پاران ڀاڄين ۽ ميوات جي وڪري لاءِ آڪشن پليٽ فارم نه ٺاهيو ويو آهي، جڏهن ته بئنڪ ۽ مسجد سميت بنيادي سهولتون به ميسر نه آهن ان لاءِ درخواست آهي ته جيستائين نئين سبزي مارڪيٽ ۾ سهولتن جو فقدان آهي تيستائين واپارين کي پراڻي سبزي مارڪيٽ ۾ ڪاروبار ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. ڪمشنر چيو ته نئين سبزي مارڪيٽ ۾ ڪافي حد تائين سهولتون ميسر ٿي چڪيون آهن پر واپاري برادري انا جو مسئلو بڻائي اوڏانهن ڪاروبار ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. درخواست چيو ته نئين مارڪيٽ ۾ پلاٽن جي ڊبل الاٽمينٽ ڪئي وئي آهي، جيستائين الاٽيز کي پلاٽن جا قبضا نٿا ڏنا وڃن تيستائين واپارين کي نئين سبزي مارڪيٽ منتقل نه ڪيو وڃي. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ ڪمشنر کي حڪم ڏنو ته هو پراڻي سبزي مارڪيٽ مان اڌو اڌ واپارين کي نئين سبزي مارڪيٽ منتقل ڪري ٻنهي مارڪيٽن ۾ آڪشن جي سهولت فراهم ڪئي وڃي ته جيئن جيستائين نئين سبزي مارڪيٽ مڪمل طور تيار نٿي ٿئي تيستائين ڪجهه واپاري پراڻي سبزي مارڪيٽ ۾ ڀاڄين ۽ ميوات جو ڪاروبار ڪري سگهن. گڏوگڏ عدالت مارڪيٽ ڪميٽي جي عملدارن کي حڪم ڏنو ته هو ٽن مهينن دوران پلاٽن جي ڊبل الاٽمينٽ وارو معاملو حل ڪري الاٽيز کي پلاٽن جا قبضا فراهم ڪري رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائين. عدالت درخواست جي ٻڌڻي اڻڄايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.