لاڙڪاڻو/ڪريم بخش کوسو (نمائندن وٽان) ڪريم بخش کوسو ڀرسان پراڻي ڪارنهن تڪرار تان ڪٽوهر برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ جهيڙو هلندڙ آهي، جنهن تان هٿياربندن موٽرسائيڪل جو اڳ وٺي هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، فائرنگ ۾ مامو ۽ ڀاڻيجو گل محمد ڪٽوهر ۽ خان محمد ڪٽوهر سخت زخمي ٿي پيا، جن کي رستي ويندڙ ماڻهن اسپتال پهچايو، پوليس موجب ڪٽوهر برادري جي ٻن ڌرين پراڻو ڪارنهن تڪرار تان جهيڙو ٿيو آهي، جوابدار فرار ٿي ويا آهن.