ملير (رپورٽر) شاهه لطيف جي علائقي عبدالله ڳوٺ ۾ ٻارن جي معمولي ڳالهه تان سرگاڻي ۽ هزارا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران سڌي فائرنگ ڪري چئن ڄڻن خان محمد سرگاڻي، عبدالرسول سرگاڻي، اوشاق علي سرگاڻي ۽ حسيب سرگاڻي کي زخمي ۽ مٿن ڪيس داخل ڪرڻ واري واقعي خلاف سنڌ سجاڳي فورم جي سارنگ جويو، لطيف ميمڻ ۽ ياسين جهلڻ جي اڳواڻيءَ ۾ ملير پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته شاهه لطيف جي علائقي عبدالله ڳوٺ ۾ راند دوران ٻارن جي معمولي ڳالهه تان جهيڙي بعد فيصلي دوران هزارا برادري جي ماڻهن علي اصغر، سردار، سجاول، بلاول، عثمان، نصير ۽ ٻين سڌي فائرنگ ڪري سرگاڻي برادري جي چئن ماڻهن کي زخمي ڪيو، اهڙي عمل جي مذمت ڪريون ٿا. اڳواڻن چيو ته شاهه لطيف جي علائقي ۾ مختلف وقتن تي سنڌي ماڻهن جي مٿان حملا معمول بڻجي ويا آهن، ڪڏهن سندن پلاٽن تي قبضا ڪيا پيا وڃن ته ڪڏهن کين تشدد ڪري گهرن ۾ زخمي ڪيو پيو وڃي. هنن آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي ملير ۽ لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته واقعي جي اصل ذميوارن مٿان ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي.