حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سول اسپتال ۾ قائم پوليس جي سب جيل وارڊ مان 3 جوابدارن جي فرار ٿيڻ واري معاملي جا سي سي ٽي وي فٽيج وائرل ٿي ويا آهن، جڏهن ته واقعي کي 38 ڪلاڪ ٿيڻ باوجود اڃا تائين ڪو به ڪيس داخل نه ڪيو ويو آهي، پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته ايس ايس پي عبدالسلام شيخ جي حڪم تي ڪوارٽر گهاٽ ٿيل اي ايس آءِ، جمعدار ۽ سپاهي جا بيان قلمبد ڪرڻ بعد وڌيڪ سندن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي، هوڏانهن 16 جولاءِ تي صبح جو 8 وڳي سب جيل مان فرار ٿيل جوابدار عرفان بليدي، بابر لاکو ۽ محسن مسيح مان پوليس ٻن جوابدارن کي ٻيهر گرفتار ڪري ورتو هو، جيڪي اڃا تائين نسيم نگر پوليس جي تحويل ۾ آهن، ايس ايڇ او نسيم نگر ضياد علي نوناري موجب جوابدارن کي نسيم نگر جي علائقي شيدي ڳوٺ مان ٻيهر گرفتار ڪري نسيم نگر ٿاڻي تي منتقل ڪيو ويو آهي، جن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو، جڏهن ته پوليس اڃا هڪ جوابدار محسن مسيح جي پڻ ڳولا ڪري رهي آهي. ٻئي طرف جوابدار سب جيل جي دري ٽوڙي فرار ٿيا جتان هڪ هڪ جوابدار هيٺ لٿو، جوابدارن جي فرار ٿيڻ وارا سي سي ٽي وي فٽيج وائرل ٿيا آهن، جن ۾ پڻ جوابدارن کي فرار ٿيندي ڏسي سگهجي ٿو. پوليس ذريعن موجب جوابدارن کي هٿڪڙيون به لڳل نه هيون.