مورو (ن پ ا) مورو ويجھو ڳوٺ حاجي عبدالغفور ٻگھيو ۾ دڪان تي ويٺل نوجوان عبدالفتاح ٻگھيو جي قتل ڪيس ۾ گرفتار مک جوابدار محمد علي ٻگھيو کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت جوابدارن کي ٽن ڏينھن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان پوليس جو چوڻ آھي ته گرفتار ڪيل جوابدار قتل جي ڏوهه جو اعتراف ڪيو آھي ته عبدالفتاح ٻگھيو منھنجي ڀيڻ سان ڳالھائيندو ھو جنھن کي منع ڪيو پر نه مڙيو جنھن تان مون کيس گولي ھڻي قتل ڪيو آھي.ھوڏانھن قتل ٿي ويل نوجوان کي جنازي نماز بعد اباڻي قبرستان ۾ سوين آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. جتي ڀائرن جو چوڻ آھي ته اسان سان وڏو ظلم ٿيو آھي ڀاءُ کي ٻه معصوم نياڻيون به آھن جيڪي يتيم ڪيون ويون آھن قاتلن کي سخت کان سخت سزا ڏئي انصاف ڪيو وڃي.