شڪارپور (رپورٽر) ڏوھارين جي سرپرستي جي الزام ۾ گرفتار تيغو تيغاڻي ڇھون ڀيرو شڪارپور جي دھشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۾ پيش، 54 ڏينھن بعد ناپر ڪوٽ پوليس ۽ ڪيس جي جاچ آفيسر پاران حتمي چالان پيش، ضمانت جي درخواست داخل، خبر موجب تيغاڻي چڱو مڙس تيغو تيغاڻي کي پوليس دھشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۾ ڇھون ڀيرو سخت حفاظتي انتظامن ھيٺ پيش ڪيو، ڏوھارين جي سرپرستي ڪرڻ واري الزام ۾ گرفتار تيغو تيغاڻي جو 54 ڏينھن بعد ناپر ڪوٽ پوليس ۽ جاچ آفيسر حاجن شاھ عدالت ۾ حتمي چالان پيش ڪيو، جنھن بعد عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 30 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، تيغو تيغاڻي جي وڪيل جي ڪي جروار دليل پيش ڪندي ضمانت جي درخواست داخل ڪرائي، جنھن تي عدالت ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪندي ھڪ ھفتي کان پوءِ 24 تاريخ تي فيصلو ٻڌائڻ جو چيو، بعد ۾ تيغو تيغاڻي کي سخت حفاظتي انتظامن ھيٺ جيل موڪليو ويو، پوليس تيغو تيغاڻي کي هن ڀيري چھري تي ڪارو ڪپڙو وجهڻ بنا عدالت ۾ پيش ڪيو.