خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي اوستا گاهي پاڙي ۾ ٻن مهينن کان رستن تي گندو پاڻي بيٺل آهي، ڏيٿا برادري جي ماڻهن تدفين لاءِ عورت جو لاش کڻي گندي پاڻيءَ مان گذرڻو پيو. انجنيئر غلام سرور ڏيٿو، انجنيئر عبدالوحيد ڏيٿو، ڊاڪٽر الهورايو ڏيٿو، نصير ڏيٿو، امان الله ڦلپوٽو، سڄڻ شيخ، حاڪم علي خاصخيلي جو چوڻ هو ته رستن تي گندو پاڻي بيهجڻ سبب گهرن کان ٻاهر نڪرڻ به محال ٿي ويو آهي، اسان کي لاش کڻي گندي پاڻيءَ مان گذرڻو پيو. اوستا گاهي پاڙي مان گندو پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ ميونسپل انتظاميا خلاف سخت احتجاج ڪيو ويندو.