حيدرآباد: جعلسازي ڪيس، ايم پي اي ڄام خان شورو ۽ ٻين جي پيشي

0
267
کنڀي گم ڪيل سرويچ
Hyd court

حيدرآباد(ن پ ا) احتساب عدالت پ پ ايم پي اي ڄام خان شورو سميت 18 جوابدارن پاران آبپاشي کاتي جي زمين جا کاتا پنهنجي نالي ڪرائڻ واري نيب ريفرنس جي ٻڌڻي 15 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، پ پ ايم پي اي ڄام خان شورو سندس ڀاءِ ڪاشف شورو, ڀائٽيو ڪرن خان شورو,اڳوڻو ايڊيشنل ڊائريڪٽر پلانگ ايڇ ڊي اي شاهد پرويز ميمڻ, اڳوڻي ڊسٽرڪٽ روينيو آفيسر سيد محمد ساجد حيدر, ڊپٽي ڊسٽرڪٽ آفيسر روينيو محمد بچل راهپوٽو, اڳوڻو اي سي شاهنواز سومرو, اڳوڻا مختيارڪار اختر علي, علي ذوالفقار سميت 18 جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا، نيب پاران عدالت ۾ گواه پيش ڪيو ويو پر عدالتي وقت ختم ٿيڻ سبب سندس گواهي مڪمل نه ٿي سگهي، عدالت کي پ پ ايم پي اي ڄام خان شورو وڪيل معرفت درخواست ڪئي ته هو سنڌ اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس ۾ شرڪت ڪندو ان لاءِ کيس اجازت ڏني وڃي ته جيئن هو وقت تي ڪراچي پهچي سگهي، عدالت پ پ ايم پي اي جي درخواست منظور ڪندي کيس حاضري لڳائڻ بعد اجازت ڏني جنهن به ڄام خان شورو ڪراچي لاءِ روانو ٿي ويو، پ پ ايم پي اي جو وڪيل چيو ته عدالت ۾ نيب پاران گواه پيش ڪيو پر سندس گواهي مڪمل نه ٿي سگهي ان لاءِ عدالت کيس گواهي مڪمل ڪرڻ لاءِ ايندڙ ٻڌڻي تي ٻيهر عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي، عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ريفرنس جي ٻڌڻي 15 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، نيب جعلسازي ذريعي 20 ايڪڙ سرڪاري زمين جا کاتا پنهنجي نالي ڪرڻ تي پ پ ايم پي اي ڄام خان شورو ۽ ٻين خلاف 13 جنوري 2021ع تي ريفرنس داخل ڪيو هو، سمورن جوابدارن ريفرنس داخل ٿيڻ بعد گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ڪرائي هئي احتساب عدالت ريفرنس جي ٽرائل دوران پ پ ايم پي اي سميت ٻين جوابدارن تي فرد جرم به لاڳو ڪري ڇڏيو آهي.