حيدرآباد: بنا ٽڪيٽ ريل گاڏي تي سفر ڪرڻ همراهه کي مهانگو پئجي ويو

0
437

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) گجرانوالا جي رهواسي همراهه کي بنا ٽڪيٽ جي ريل گاڏي تي سفر ڪرڻ مهانگو پئجي ويو.

حيدرآباد ۾ ريلوي اسٽيشن تي ٽڪيٽون چيڪ ڪندڙ عملي مهراڻ پٽ محمود آرائين کي سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

ريلوي انتظاميا بنا ٽڪيٽ جي پنجاب کان ڪراچي ويندڙ گرين لائين ايڪسپريس ۾ سفر ڪندڙ مسافر خلاف 4 هزار 710 رپين جي رسيد ڪٽي کيس پوليس حوالي ڪيو.

ريلوي پوليس رپورٽ ٺاهي مسافر کي سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 2 جي عدالت ۾ پيش ڪيو.