حيدرآباد: ايس ٽي پي کي ڪهڙي نئين اتحاد ۾ شموليت جي دعوت ڏني وئي؟

0
248
qadir magsi and shah muhammad shah meeting

حيدرآباد: مسلم ليگ ن جي صوبائي صدر شاھ محمد شاھ جي حيدرآباد ۾ ايس ٽي پي جي سربراهه ڊاڪٽر قادرمگسي سان ملاقات ٿي. ايس ٽي پي هائوس تي ٿيل ملاقات ۾ شاه محمد شاه ميان نواز شريف جو پيغام پهچايو ۽ چيو ته جمهوريت جي بحالي لاءِ نئون اتحاد جوڙڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن، جنهن ۾ ايس ٽي پي کي اتحاد ۾ شامل ٿيڻ جي صلاح ڏني وئي. شاهه محمد شاهه چيو ته ايندڙ عام چونڊون به گڏجي وڙھڻ گهرجن. ان موقعي تي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته ايس ٽي پي اڪيلي سر اتحاد ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو نٿي ڪري سگهي، سنڌ ايڪشن ڪميٽي ۽ ساٿين سان صلاح لاء وقت ڏنو وڃي. هن چيو ته جمهوريت جي بحالي لاءِ نئين اتحاد کي سٺو سنئوڻ سمجهون ٿا.