حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد پوليس ڪراچي واسڻ نينگري سان مبينا طور زيادتي ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي آهي. سٽي ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته ڀائي خان چوڪ وٽان الزام هيٺ آيل جوابدار عادل پٽ اسحاق کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪيو ويو آهي. پوليس موجب جوابدار خلاف متاثر نينگري مبشرا جي والد محمد فريد يوسفزئي هڪ ڏينهن اڳ ڌيءُ سان مبينا طور زيادتي جو ڪيس داخل ڪرايو هو. ڪيس ۾ فريادي ڄاڻايو هو ته 2 ڏينهن اڳ هو مائٽن جي شادي ۾ شرڪت لاءِ ريشم بازار پهتو جتي مائٽن جي گهر مان نينگري ٻاهر نڪتي ته جوابدار کيس ورغلائي پاڻ سان گڏ وٺي وڃي مبينا طور زيادتي ڪئي. پوليس جو چوڻ آهي ته متاثر نينگري جا والدين ڪراچي جي ڪورنگي واري علائقي ۾ رهائش پذير آهن جتان هو دعوت ۾ شرڪت لاءِ حيدرآباد آيل هئا. نينگري جو ميڊيڪل چيڪ اپ به ڪرايو ويو آهي پر ميڊيڪو ليگل شعبي پاران اڃا تائين رپورٽ پڌري نه ڪئي وئي آهي.