ڪوٽڙي (ن پ ا) ڪوٽڙي مان 2 مهينا اڳ کنڀي گم ڪيل قومپرست ڪارڪن زاهد علي چنا کي ڪراچي جي سي ٽي ڊي ٿاڻي تي هڪ ڪيس ۾ گرفتاري ظاھر ڪئي وئي آهي، زاهد چنا جي وارثن اهڙي تصديق ڪندي ٻڌايو ته هو اهڙي اطلاع تي سي ٽي ڊي ٿاڻي تي پهچي ويا، جتي کين زاهد سان ملاقات پڻ ڪرائي وئي آهي ۽ کيس هڪ ڪيس ۾ گرفتار ڄاڻايو ويو آهي. زاهد چنا جي وارثن موجب 6 مهينا اڳ زاهد جو سئوٽ سجاد چنا پڻ کنڀجي ويو هئو، جنهن جي آزادي لاءِ هن ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي هئي، جنهن بعد زاهد کي پڻ ڪوٽڙي ۾ هڪ هوٽل تان سرعام کنڀي گم ڪيو ويو هئو، جنهن کي اڄ ظاهر ڪيو ويو آهي.