ڀرياروڊ: (ن پ ا) ڀرياروڊ ڀرسان ڳوٺ دلاور ڳاهيچو ۾ چارڏينهن اڳ مبينا خودڪشي ڪندڙ ٻن ٻارڙن جي ماءُ مسمات ارشاد زال غلام مصطفيٰ ڳاهيچو جي وارثن پاران قتل جو انڪشاف ڪيو ويو آهي. وارثن پاران قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي ڪيو ويو. مبينا خودڪشي ڪندڙ عورت جي پيءُ محرم ڳاهيچو ۽ ڀاءُ لياقت ڳاهيچو انڪشاف ڪندي روئيندي ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان جي هڪ ٻي نياڻي زبيران زال عبدالله ڳاهيچو به انهيءَ گهر ۾ ڏنل آهي انهيءَ جي سامهون اسان جي نياڻي کي سندس مڙس غلام مصطفيٰ ڳاهيچو ۽ غلام مرتضيٰ ڳاهيچو وارن مان گهلي گهٽا ڏئي قتل ڪيو آهي ۽ بعد ۾ زبردستي فوتي نياڻي جي وات ۾ زرعي جيت مان دوا وجهي انهن جي ڪپڙن تي به دوا هاري وئي آهي، جڏهن ته اسان جي نياڻي جو ڳاٽو به ڀڳل هو. هنن ٻڌايو ته اسان جي نياڻين ظالمن کي قرآن جا واسطا ڏنا پر انهن هڪ به نه ٻڌي. جوابدار اسان کي ڌمڪائي رهيا آهن ته زبان کولي ته توهان جي ٻي نياڻي کي قتل ڪري ڇڏينداسين. هنن چيو ته پوليس واقعي کي بااثرن سان ملي ڀڳت ڪري خودڪشي جو ڊرامو رچائي رهي آهي. هنن وس وارن کي اپيل ڪندي چيو ته خدارا قتل جو ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.