ٺٽو (رپورٽ:اسماعيل ميمڻ) ٺٽي جي ڪوهستاني شهر جھمپير مان هڪ مهينو اڳ پراسرار نموني لاپتا ٿي ويل جھمپير گرلس اسڪول جي نائب قاصد مهر علي شاھ جي قتل جو انڪشاف، گرفتار 2 جوابدارن جي نشاندهي تي ملازم جو لاش ڪوئلي کاڻ جي کوھ مان هٿ، ان ڏس ۾ جھمپير شهر جي گرلس پرائمري اسڪول ۾ مقرر نائب قاصد سيد مهر علي شاھ هڪ مهيني کان پراسرار نموني لاپتا هو، وارثن پاران  جھمپير ٿاڻي تي اغواءَ جو ڪيس داخل ڪيل هو، جڏهن ته  پوليس ٽيڪنيڪل ٽيم جي مدد سان موبائيل ٽريس ذريعي 2 شڪي جوابدارن غلام نبي چانگ ۽ نظر علي چانگ کي گرفتار ڪري سندن اعتراف تي جھمپير کان 15 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي جهرڪ جھمپير لنڪ روڊ ويجھو ڪوئلي کاڻ جي 150 فوٽ گهري کوھ مان ريسڪيو آپريشن ذريعي لاپتا ڄاڻايل مهر علي شاھ جو لاش هٿ ڪري اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو،  پوليس موجب ته گرفتار جوابدارن جي نشاندهي تي ملازم جو لاش هٿ ڪيو، هوڏانهن مقتول نائب قاصد جي ڀائيٽي سيد شير علي شاھ موجب ته چاچي مهر علي شاھ کي بيدرديءَ سان روڪ رقم 70 هزار ۽ موبائل فونون ڦر ڪرڻ بعد قتل ڪري لاش کاڻ ۾ ڦٽو ڪيو ويو،  قاتل جوابدارن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي. ٻي طرف واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.