قبوسعيدخان (رپورٽ: اصغرعلي کوسو ) ضلع جهل مگسي جي ڪوٽ مگسي ليويز ٿاڻي جي حد ڳوٺ 62 ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار نظير احمد مگسي پنهنجي ڀيڻ (ن ) ۽  پنهنجي ئي سئوٽ منٺار علي کي ڪارنهن الزام هيٺ ڪلاشنڪوف جا برسٽ هڻي ٻنهي کي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو. ڪوٽ مگسي کي اهڙي اطلاع ڏنو ويو جنهن ٻنهي جا لاش پنهنجي تحويل وٺڻ بعد پوسٽ مارٽم لاءِ جهل مگسي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال نيا ويا جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا.