ٽوڪيو (انٽرسٽنگ نيوز) جاپاني ڪمپني دنيا جو پهريون اوزار تيار ڪيو آهي، جيڪو نوڊلز جو ذائقو ٻڌائي سگهي ٿو. هي بجلي تي هلندڙ نظام سوبانالي نوڊلز جي  مزيدار هجڻ يا نه هجڻ بابت آگاهي ڏيندو. مقامي ڪمپني ياٽسرو گيگائيڪن انڪارپوريشن هڪ زرعي يونيورسٽي جي سهڪار سان ذائقو سڃاڻيندڙ نظام بڻايو آهي. اعليٰ ٽيڪنالوجي واري نظام جي هڪ حصي ۾ ٻه گرام نوڊلز رکجن ٿا، پوءِ ان جي مٿئين الٽرا وائلٽ (ايل اي ڊي) جي روشني وڌي وڃي ٿي. ان جي اندر جو نظام نولڊز ۾ پروٽين، فاسفولائپڊز ۽ ذاقي جي تحقيق ڪري جزن جو اندازو لڳائي ٿو ۽ چند سيڪنڊن ۾ اهو ذائقو ظاهر ڪري ٿو.